ميرغلام الله خان ٽالپر شاهواڻي

ميرغلام الله خان ٽالپر شاهواڻي: سنڌ جو ناميارو شاعر مير غلام الله خان شاهواڻي ولد سردار بهادر مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر سيپٽمبر 1908ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ سنڌي پنهجي ڳوٺ مان ۽ انگريزي جي تعليم حيدرآباد ۽ عليڳڙهه مان حاصل ڪيائين. هو سنڌي، انگريزي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ماهر ۽ هڪ سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ هڪ سٺو شاعر هو. سندس شاعري ۽ ڪافيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. ٽنڊي محمد خان ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ۽ ان کان پوءِ بچاءُ ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪتاب ۾ شاعريءَ جو ”بياض عاشق جون آهون“ (1943ع) ۽ ”فري ورس“ (1981ع) ڇپيل ۽ ” دل جو چراغ“ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. هو 10 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.09.00  عيسوي

ميرغلام الله خان شاهواڻي سيپٽمبر 1908ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو


1944.12.10  عيسوي

ميرغلام الله خان شاهواڻي 10 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سائل خواجو
بدر قريشي
اختر ثانوري
راضي فقير رند
اداسي جکراڻي
عبدالله چانڊيو
عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو
غلام حيدر شر گودڙيو
شاهنواز مسافر
عبدالحڪيم عطا ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون